ڌاريوال جت

ڌاريوال جت: جتن جو هڪ قبيلو، جنهن کي ڌنيوال يا ڌليوال به چيو وڃي ٿو. هي ڀٽي راجپوتن سان تعلق رکن ٿا. سندن مرڪز دارا نگر هو. اڪبر بادشاهه سندن سردار مهر مٿر جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي. مسٽر برانڊرٿ جي تحقيق مطابق هنن جو مرڪز اتر اولهه مالوه ۾ هو ۽ هي لڌيانه، فيروز پور ۽ پٽياله ۾ آباد هئا. هارپي جو ڪم ڪندا هئا ۽ مرڪزي طور مٿانهين ستلج تي ۽ الهندي پاسي جي زرخيز ضلعي ۾ آباد هئا. هن قبيلي جا ماڻهو امن پسند ۽ قناعت پسند رهيا آهن. اڪبر بادشاهه هن قبيلي کي گھڻو نوازيو. مغل دؤر ۾ هي قبيلو ڪافي خوشحال هو، امن پسند هئڻ سبب هن قبيلي جو ڪڏهن به ڪنهن قبيلي سان جھيڙو نه ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو